انور پاشا ( ناول )

انور پاشا (ناول): محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو هي ناول ڪتابي شڪل ۾ جون 1957ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ کان اڳ اهوناول ماهوار ”انسان“ ۾ قسطن وار شايع ٿيو. انور پاشا جي خلافتي دور ۾ هليل جمهوري تحريڪ دوران ترڪيءَ جو مقبول ترين اڳواڻ هو، پر پهرئين مهاڀاري جنگ ۾ ترڪيءَ جي شموليت جي سندس غلط فيصلي ترڪيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ جلا وطن جي عبرتناڪ ڪهاڻي ناول جي شڪل ۾ سنڌيءَ ۾ پهريون دفعو آئي. دراصل هيءُ ناول، ون يونٽ خلاف مزاحمتي ادب جي هڪ اهم ڪڙي هو، جنهن ۾ سنڌي قومپرستيءَ جي تبليغ ڪيل هئي. نتيجي ۾ ناول کي 1957ع ۾ ئي ضبط ڪيو ويو.

ناول جي متن ۾ جملي 284 صفحا آهن. پهرين ايڊيشن (1957ع ۾) قيمت 4.00 رپيا ۽ ٻيو ايڊيشن آگسٽ 1998ع ۾ عثمانيه لائبريري ڪنڊيارو طرفان ڇپايو ويو جنهن جي قيمت 35.00رپيا لکيل هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو